اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي مي??بر?? وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين شيخ، مش??اق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين مي??بر?? وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي و??ي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهارن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. ا??لا??ات واري وز??ر چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسان جي معيشت تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان شعبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.