اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀ??ڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران وا??ار?? خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپ??ر ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊ??ار??مينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ?? عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، وا??ار?? ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.