اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واپار واري وزارت ??ي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي واپار وڌائڻ جي لا??ِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لا??ِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لا??ِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار واري وزارت ??ي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم پنهنجي جاري ڪيل هدايتن جي تعميل تي واپار واري وزارت ??ي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لا??ِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لا??ِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي پاڪستاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لا??ِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي پاڪستان جي تازي دوري ۾ پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لا??ِ پاڪستان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز ک?? فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لا??ِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لا??ِ ماهرن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لا??ِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس سان بارٽر ٽريڊ تحت زرعي جنسن جي واپار جي لا??ِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت پاڪستان سان ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ واپار وارو ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو ??فاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.