اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ ا??غا??ستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن ا??غا??ست??ن سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت ا??غا??ستان ۾ پائيدار امن ۽ خ??شحالي جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان فعال طور شامل ٿيڻ جي اسان جي ڪوششن جو حصو آهي.