اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪر?? جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سما??ي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پن??نج?? انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائ?? جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.