اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان انسا??ي حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ملاقات ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل پنهنجي رپورٽ ??يش ڪئي. انسا??ي حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب ڊاڪٽر شيرين مزاري وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ج??لن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل رپورٽ کيس پيش ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم مئي ج?? آخر ۾ جيلن ۾ قيد عورتن جي حالتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انسا??ي حقن واري وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي ج??ڙي هئي ۽ چار مهينن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.