ڪراچي – 13 آگسٽ (اي پي پي) ڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پ??رلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئ?? ايم پ?? ايز سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. ڪراچي کي ڪير به سنڌ ??ان جدا ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. ڪراچي سنڌ جي راجڌاني جو شهر آهي. هن الزام هڻندي چيو ته س??ڌ حڪومت ڪراچي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. ڪراچي جي عوام کي نه پاڻي ملي ٿو نه ??وڊ آهن نه ??رڪاري بسون هلايو ويون آهن. ڪي پي ڪي حڪومت پشاور ۾ بي آر ٽي جو 27 ڪلوميٽرن جو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري عوام کي سهولتون ڏنيون آهن اڄ وزير اعظم افتتاح ڪيو آهي اسان چاهيون ٿا ڪراچي ??ان حيدرآباد، سکر تائين بي آر ٽي جهڙا منصوبا آندا وڃن ته جيئن کين سفر جون بهتر سهولتون ميسر ٿي سگهن. ڪراچي جو عوام اڄ به ٽٽل بسن جي ڇتن تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهي . اورينج لائن جو 03 ڪلوميٽر جو منصوبو ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. فنڊ سمورا هڙپ ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ به چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپٽ حڪومت آهي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن ??ان محروم رکيو ويو آهي.