اسلام آباد – 23 جون (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوا??ي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي حوا??ي سان صوبائي ??ڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪو??ت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ جي حوا??ي سان صوبائي ??ڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ??ه انهن فيصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.