اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراع??م عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خ??ص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺتي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو ??نيو ۽ ان تي پورو ??هندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وزيراع??م عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.