ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وز??را????م عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر مهنداياپا ابي وردانا ۽ سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسي مانجهاندو ڏنو. وز??را????م عمران خان کي اسپورٽس مين جي حيثيت سان خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سريلنڪا جي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي. وز??را????م عمران خان کي راندين واري وزير پاران اعليٰ معيار جي اسپورٽس ڪمپليڪس جي تجويز ??ه پيش ڪئي وئي جيڪو وز??را????م عمران خان جي نالي تي ٺاهيو ويندو. تقريب ۾ وز??را????م عمران خان جي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي حوالي سان دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جنهن ۾ وز??را????م عمران خان جي ڪرڪيٽ جي زماني جي سريلنڪن رانديگرن پاران کيس خراج تحسين پيش به ڪيو ويو. وز??را????م عمران خان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد ان تقريب جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ اسپورٽس مين جي حيثيت سان پنهنجي يادن جو ذڪر ڪيو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ جي ذريعي هن مقابلو ڪرڻ سکيو ۽ پنهنجي انهن صلاحيتن جي ڪري هو هڪ سياسي پارٽي جي قيادت ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وز??را??ظم بڻجڻ جي قابل ٿيو. وز??را??ظم يونيورسٽي گريجوئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي سريلنڪا جي دوري جو به ذڪر ڪيو، هن پاڪستان ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي جو ذڪر ڪندي ان کي فخر جوڳو قرار ڏنو ۽ ٽيم جي ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا سميت ٽيم جي رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪيو.