اسلام آباد – 10 ڊسمبر(اي پي پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسلام آباد کان ڪوٽ مومن تائين هر قسم جي ??ريفڪ لاءِ کلي ويو آهي. موٽروي پوليس جي ترجمان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن کان بچڻ ۽ موٽروي استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شهرين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پنهنجو سفر ڏينهن جي روشني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي ??نزل تائين پهچي وڃن. هن چيو ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پاسو ڪن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پوليس هيلپ لائي?? 130 ۽ ??يش??ل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس جي آفيشل س??شل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ??ي.