اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ترڪمانستان سان پا??ستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پا??ستان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪمانستان جي قيادت پاران وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف کي نيڪ خواهشن جو پ??غا?? ڏنو. هن پا??ستان ترڪمانستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪمانستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو.