اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيرا??ظم لي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 سالن کانپوءِ چين جي ڪنهن به وزيرا??ظم جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چين جي وزيرا??ظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چيني وزيرا??ظم لي چيانگ وزيرا??ظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان چيني وزيرا??ظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيرا??ظم چين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي ص??يحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ شامل آهي.