راولپنڊي-12 آڪٽوبر (اي پي پي) سي پي او سيد خالد همداني جي هدايت موجب ايس سي او اجلاس لاءِ راولپنڊي پوليس طرفان سيڪ??ور??ي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا. راولپنڊي پوليس ترجمان موجب ايس سي او اجلاس لاءِ 3500 کا?? وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار سيڪ??ور??ي تي موجود هوندا جڏهن ته 700 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ اهلڪار ٽريفڪ مئنيجمينٽ جا فرض سرانجام ڏيندا. سي پي او خالد همداني جو چوڻ آهي ته روٽ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس موبائيلز، ايليٽ ۽ ڊولفن فورس جا جٿا گشت ڪندا ۽ روٽ جي ڇتين تي سنائپر مقرر ڪيا ويندا. ه?? چيو ته راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن به غير قانوني ميڙاڪي يا ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. ايونٽ لاءِ فول پروف سيڪ??ور??ي کي يقيني بڻايو ويندو. ه?? چيو ته سيڪ??ور??ي لاءِ حڪومتي حڪم ۽ ايس او پيز تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪيو ويندو. واپاري برادري ۽ تنظيمن جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن شهرين کي گذارش ڪئي ته ايونٽ دوران سيڪ??ور??ي لاءِ کنيل قدمن جي سلسلي ۾ تعاون ڪن.