اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم ??ان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن و??پس?? ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم ??ان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان واپس آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم ??ان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن و??پس??ءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم ??ان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن و??پس?? يق??ني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم ??ان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن و??پس??ءَ تي سمورا ??رچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن و??پس?? لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي و??پس??ءَ تي ??رچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم ??ان جو به شڪريو ادا ڪيو.