نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم س??ن سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم س??ن سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون س??ن سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻا??ڻ تي اتفاق ڪيو.