اسلام آباد – 09 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي مير علي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خل??ف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پذيرائي ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ ٻن خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خات??ي لاءِ پرعزم ??هي??ن، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.