اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جمهو??ي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پ??ڪس??ان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جمهوريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چ??و ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جمهوري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جمهوريت جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان ??هت?? طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چ??و ته مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي ??هت?? بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جمهوري عمل تائين پهچ ??هت?? بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جمهوريت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چ??و ته اسان جو مستقبل جمهو??ي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يق??ني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جمهوريت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چ??و ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جمهوريت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چ??و ته هنن پ??ڪس??ان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن جي ميراث جمهوري قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چ??و ته جمهوريت ذريعي پ??ڪس??ان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يق??ني بڻائي سگهي ٿو.