ا??لا?? آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت سماجي، اقتصادي ۽ عدالتي سڌارن لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کي تيز تر اقتصادي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چٽن لفطن ۾ چيو ته ڪنهن کي به ملڪ جي ا??ن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ج?? اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته دوست ملڪن ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان ۾ 27 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ ج?? خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ ج?? اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل ع??ب امارات ۽ ڪويت 10-10 ارب ڊالرز، آذربائيجان 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته چين ترقي، روزگار، جدت، سرسبز معيشت ۽ علائقائي ترقي سميت پنجن نيون راهداريون کولڻ ج?? خاطري ڪرائي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڊينمارڪ جي هڪ ڪمپني پاڪستان جي بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي.