اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا??ُ الله تارڙ سينيئر صحافي اخلاق احمد باجوه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ??خلاق احمد باجوه ص??افت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ??رج?? نه سگهبو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.