اسلام آباد ?? 13 ??? آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين (ڊسڪوز) جي نئين مق??ر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ??مپ??ي، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ??مپ??ي، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ??مپ??ي، ملتان اليڪٽرڪ پاور ??مپ??ي ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ??مپ??ي جا نوان مق??ر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مق??ر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته توهان پنهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??يون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذيرائي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ??مپ??ين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير مح??د اورنگزيب، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جو پاور وارو خاص معاون مح??د علي، وزيراعظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.