اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قد?? کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??ه بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قد?? کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قد?? تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ??ه زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستان جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قد?? بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار، ??انون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.