اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ??رو??ين رپين جي مالي?? جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريما??ڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل ان وق?? جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريما??ڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.