اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چ??ني شهرين کي مفت ويزا ج?? سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، گڏيل منصوبن جي ذريعي چ??ني صنعت جي پاڪستان منتقلي لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 رڪني اعليٰ سطحي چ??ني وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن و??نگ فوڪ??نگ جي قيادت ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چ??ني سفير جي??نگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چ??ني وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، يقين آهي ته توهان جو دورو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو، چ??ني قيادت سان ملاقاتن جي نتيجي ۾ اعليٰ سطح جا وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صنعت، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون وڌندو، ٻنهي ملڪن ۾ کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي ۾ به تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته چ??ني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي فروغ ملندو، اسان چين جي ترقي جي ماڊل تي پنهنجي معيشت جو فروغ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون وقت جي گهرج آهي، گڏيل منصوبن جي ذريعي چ??ني صنعت جي پاڪستان منتقلي فائديمند ثابت ٿيندي، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. وزيراعظم چ??ني وفد کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا ج?? گذريل اجلاس ۾ چ??ني شهرين کي مفت ويزا فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان فيصلي تي عملدرآمد 14 آگسٽ کان ٿيندو. وزيراعظم وفد سان بشام واقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، پاڪستان ۾ چ??ني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، چين جي تعاون سان پاڪستان پنهنجو سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي. چ??ني وفد وزيراعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چ??ني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چ??ني قيادت صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چي??نگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چ??ني وفد جي آجيان ڪئي. چ??ني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چ??ني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چ??ني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چ??ني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو.