لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطانيا جي ??ارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي مبارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي ??فادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي ??هميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پ?? اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني برطانيا سا?? اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ??هرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي ??ڪرار جي ??ل جي ??هميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين غزه جي ??نگين انساني صورتح??ل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي ??ل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي ??وري تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان ۽ برطانيا جي ??راڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??نهنجي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي ??وقعي تي پنهنجي ??وري کي پڻ ياد ڪيو.