اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انص??ف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ف??صل?? سان حڪومت کي ڪو به چئلينج درپيش ناهي، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي واضح اڪثريت موجود آهي، ظاهر ۾ عدلت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران انهن کي ٻيهر لکيو آهي، ان ف??صل?? جي ڪري ڪيترائي قانوني ۽ آئيني مونجهارا پيدا ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه، وفاقي ڪابينا جي ف??صل?? ۽ متاثر سياسي پارٽين جي مشاورت جي روشني ۾ نظرثاني اپيل بابت ف??صل?? ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت ف??صل?? کانپوءِ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون ۽ انص??ف واري وفاقي وزير چيو ته ف??صل?? سان ڪيترائي قانوني ۽ آئيني جهولن ۽ سو??لن جنم ورتو آهي، آرٽيڪل 51 تحت ٽن ڏينهن جي شرط جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جو موقف هو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، ظاهر ۾ عدالت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران ان کي ٻيهر لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ف??صل?? جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت قانون موجود آهي، سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي وڃي سگهن ٿيون، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن کٽڻ کانپوءِ ڪنهن فورم سان رابطو ئي نه ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل غير مسلم کي پنهنجو ميمبر تسليم نٿي ڪري تنهن ڪري ان جي منشور موجب کين اقليتي سيٽون نه ملڻ گهرجن. اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن نه چيو ته سندس پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. ان عدالتي ف??صل?? جي دائري اختيار جو ڪو به مثال نٿو ملي، ان ف??صل?? جي ڪري ڪيترائي جهول پيدا ٿيا آهن، ظاه?? آهي ته ان تي آئيني ۽ قانوني ماهرن جي راءِ سامهون ايندي رهندي. تفصيلي ف??صل?? اچڻ تائين وڌيڪ راءِ ڏيڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته نظرثاني اپيل بابت آئون ذاتي ??ور تي راءِ نٿو ڏئي سگهان، هي معاملو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ان جي ف??صل?? کانسواءِ نٿو چئي سگهان ته نظرثاني اپيل داخل ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته بهترين عدالتي فيصلا اهي ئي هوندا آهن جن تي چپ نه چرن، عدالتي ف??صل?? سبب جهول ۽ سو??ل جنم ورتو آهي. هڪ سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته ان آئيني معاملي کي سياست سان نه جوڙيندس، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي اڪثريت موجود آهي، بجيٽ اجلاس ۾ به حڪومتي بينچن ۾ ميمبرن جي اڪثريت هئي. قانوني ڪارروائي بابت سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي پارٽين جي مشاورت سان نظرثاني اپيل ۽ قانوني ڪارروائي جو ف??صل?? ڪيو ويندو. سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي مجلس عامه ۾ ويهي به ان معاملي کي ڏسنديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي اهو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه.