اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيج??ن جي صدر الهام عليوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شان??ار استقبال ڪيو ويو. هٿياربند فو?? جي دستي مهمان صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پاڪست??ن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آيل آذربائيج??ن جي صدر الهام عليوف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شان??ار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي پاڻ سان گڏ سلامي جي ڇپري ڏانهن وٺي ويو جتي پاڪست??ن جي ٽنهي هٿياربند فو?? جي دستن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آذربائيج??ن جي صدر پريڊ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان مهمان صدر جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته آذربائيج??ن جي صدر ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف س??ن پنهنجي وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.