اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف ص??ر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻطرفي تع??ون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي ش??بن تي وسيع پئماني تي ڳاله?? ٻولهه ڪنديون. اميد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. بيان موجب آذربائيجان جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تع??ون ۽ قيادت جي سطح تي ڳاله?? ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.