اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گ??يل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گ??يل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.