اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ??ي سمورن ملڪن سان پرامن، تعاون تي ٻڌل ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي عزم تي زور ڏنو آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي 51 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي هن مڪالمي جي اهميت، بلاڪ جي سياست کان پاسو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري تي روشني وڌي. اسحاق ڊار اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن تي پاڪستان ??ي ڌيان ??ي زور ڏنو. هن چين سان پاڪستان ??ي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري، پاڙيسري ۽ وڏين طاقتن سان گهري لاڳاپن جي خواهش ۽ گهڻ رخي عزم تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏو مقصد علائقائي رابطن ۽ اقتصادي سلامتي کي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان ??ابت قدم رهيو آهي. هن خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ رابطن، مڪالمي ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏيندي هڪ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف جي وڪالت ڪئي جيڪو سمورين قومن جي مفادن ۽ خواهشن جو احترام ڪري. هن بلاڪ جي سياست جي پاڪستان پ??را?? مخالفت جو ورجاءُ ڪيو، ڇڪتاڻ تي تعاون کي فوقيت ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي عزم جي توثيق ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ وڌندڙ هنگاماخيز ۽ خطرن??ڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، جنهن ۾ روايتي ۽ نوان ??يڪيورٽي خطرا لا??ق آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ??و موقف هڪ پرامن پاڙيسريت جي پاليسي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي تي آهي، جنهن ۾ امن ۽ ترقي جي وچ ۾ رابطي تي زور ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پرامن، مستحڪم، متحد ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان ??ي مفاد ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ طالبان ??ي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ??نساني بحران کان ??چڻ ۽ افغان ??وام جي حمايت جي لا??ِ افغانستان ??ان ??عاون ڪيو آهي. پاڪستان ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان ??رزمين ڪنهن به رياست جي خلاف دهشتگردي جي لا??ِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ افغان ??ملدارن تي زور ڏنو ته اهي ان ??والي سان ??دشا ختم ڪن. اسحاق ڊار چيو ته هڪ پرامن، مستحڪم افغانستان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر خوشحالي کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان گڏيل احترام، خودمختياري برابري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي بنياد تي سٺي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڪنهن به هڪطرفي موقف مڙهڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکنداسين ۽ نئين دهلي ۾ هندوتوا تي ٻڌل حڪومت پ??را?? ڪنهن به غيرسوچيل سمجهيل فوجي ڪارروائي جو فيصلائتو جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارتي قبضي هيٺ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪطرفي قدمن سان ٻطرفي لاڳاپن کي نقصان پهتو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لا??ِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو رياستي سرپرستي ۾ پنهنجي دهشتگردي بند ڪري ۽ مثبت لاڳاپن جي لا??ِ ٺوس قدم کڻي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي غربت ۽ انساني ترقي جي درجابندي ۾ گهٽتائي کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) هڪ ميمبر ملڪ جي هٺ ڌرمي جي ڪري تعطل جو شڪار آهي. هن چين سان پاڪستان ??ي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي ان ??ي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت تي زور ڏنو. چائنا پاڪستان ??ڪنامڪ ڪوريڊور (سي پي اي سي) پاڪستان ??ي معيشت ۽ علائقائي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري ٻنهي ملڪن پ??را?? ٻطر??ن لاڳاپن ۽ سي پيڪ جي لا??ِ اسٽريٽجڪ اهميت جي توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي 10 شامل ڪرڻ تي پاڪستان ??نعتڪاري، ڊيجيٽلائيزيشن، سبز قدمن، زراعت ۽ عوامي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيندي ان ??ي اپ گريڊ ورزن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته چيني عملي ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان ??يران، نار ملڪن، ترڪيه، وچ ايشيائي رياستن ۽ آذربائيجان ??ان گهري حصيداري جو خواهشمند آهي، خصوصي سيڙپڪاري جي سهولت ڪائونسل جي ذريعي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته آمريڪا سان مستحڪم لاڳاپن کي برقرار رکڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح روس، يورپي يونين، جاپان ۽ آسيان ??هڙي وڏين طاقتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ به اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ??ي 26 – 2025ع جي لا??ِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اڳتي ميمبرشپ عالمي امن ۽ سلامتي جي لا??ِ ان ??ي عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان کان ??ڳ آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ايمبيسڊر سهيل محمود اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته ان ??المي حصيدارن سان ??عاون وڌايو آهي. آءِ ايس ايس آءِ جولاءِ 2023ع کان ??ون 2024ع دوران 130 تقريبون منعقد ڪيون ۽ 150 کان وڌيڪ جاري ڪيل بريفس شايع ڪيا. ان کانسواءِ ٽي نوان ڪتاب ۽ ٽي خصوصي رپورٽون پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن.