اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گل???? بلتستان جي سماجي ۽ اق??صا??ي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گل???? بلتستان جي عوام کي در تي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت، تعليم ۽ رستن جي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا، گل???? بلتستان ۾ بي پناهه ۽ وسيع اق??صا??ي صلاحيت موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري گل???? بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته گل???? بلتستان چين جي سنگم تي آهي، گل???? بلتستان ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ معاشي خوشحالي ايندي. وفد صدر کي گل???? بلتستان جي ترقياتي ۽ مالي ضرورتن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گل???? بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گل???? بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، گل???? بلتستان ڪائونسل جا ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شريڪ هئا. صدر گل??ت ۾ هوائي اڏي کي وسعت ڏيڻ، گل???? بلتستان جي ترقي جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته گل???? بلتستان جي اق??صا??ي صلاحيت سان عوامي مفاد ۾ فائدو کڻڻ گهرجي، ديامير ڀاشا ڊيم جي متاثرين جي معاوضو ڏيڻ جو معاملو مناسب فورم تي کنيو ويندو جڏهن ته صحت سهولت پروگرام جي بند ٿيڻ سان گل???? بلتستان جا ماڻهو هيلٿ انشورنس جون خدمتون حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر گل???? بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني. وفد گل???? بلتستان جي ترقي، مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وفد کي گل???? بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي تعاون ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.