اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف آئرلينڊ جي حڪومت پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو فيصلو معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آئرلينڊ جي وزيرا??ظم سائمن هيرس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيرا??ظم ائرلينڊ جي وزيرا??ظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيرا??ظم آئرلينڊ پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي تي آئرش حڪو??ت جي فيصلي کي ساراهيو. هن چيو ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو انهن معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي ظلمن جو شڪار آهن ۽ فلسطين ڪاز کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو ٻين م??ڪن تي به اهڙا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جو سبب بڻجندو. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن م??جب ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻڻ جو واحد رستو آهي. هن فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪي?? ۽ آءِ سي جي جي اسرائيل کي غزه ۽ رفح تي حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪي?? ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي به عالمي برادري پاران اهڙي طرح جو ڌيان م??ندو ڇو ته اها به گذريل 7 ڏهاڪن کان وحشياڻي قبضي ۽ بنيادي انساني حقن کان انڪار کي برداشت ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم سائمن هيرس چيو ته آئرلينڊ ٻين يورپي اتحادين جي مشاورت سان اصولي فيصلو ڪي?? آهي ڇو ته غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي کي ڪنهن به طرح معاف نه ٿو ڪري سگهجي. آئرلينڊ جي حڪومت محسوس ڪي?? ته اهو فيصلو حالتن کي معمول تي آڻڻ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪي??. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي آئرلينڊ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته اهو نئون مشن ڊبلن ۾ پاڪستان جي مشن سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وزيرا??ظم سائمن هيرس کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.