اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ خ??اب??زي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خ??اب??زي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقيقي ادارا ۽ سائنسدان وڌيڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي س??ن ملڪ ج?? نالو روشن ڪندا.