اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ هوندو. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪن??ي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم هوندو جڏهن ته ناڻي وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير، توانائي وارو وفاقي وزير، پيٽروليم وارو وزير ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير ميمبر هوندا. وزيراعظم جي غيرمو??ود??ي ۾ اي سي سي اجلاس جي صدارت ناڻي وارو وفاقي وزير ڪندو.