اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ انهن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) جي اهتمام هيٺ اسپائر پاڪستان جي تعاون سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ (اين آءِ بي) جي ٽئين ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ واپاري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن، شاندار ذهن ۽ روشن خيالن جا مالڪ آهن جڏهن ته انهن کي پنهنجي خيالن کي چٽاڀيٽي ۽ معياري مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي. ??در جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هو علم تي ٻڌل معيشت کي فروغ ڏيڻ جو زبردست حامي آهي. هن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نيشنل آئيڊيا بئنڪ جهڙن فورمز جي ذريعي ٽيلنٽ هنٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي اين آءِ بي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو ملڪ جي روشن ۽ خوشحال مستقبل ۾ تبديلي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ??در چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ جديد ۽ فني حل کي وقت سر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي وڪالت ڪندو رهيو آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي نظام تي اشرافيه جي پڪڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن رڳو اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ اها اهم سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. ??در ان ڏس ۾ 26 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم جو خاص طور تي ذڪر ڪيو جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ سان گڏوگڏ نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ??در ذاتي مفادن تي ٻڌل موجوده عالمي نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪو غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اسپائر جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي نيشنل آئيڊيا بئنڪ بابت آگاهه ڪندي چيو ته هو جدت، تخ??يقي صلاحيتن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پليٽ فار طور تي بهترين ذهني صلاحيت، ڪاروباري ۽ سُلجهيل ماڻهن کي گڏ ڪري پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم خيالن ۽ قدمن کي ڳولي سگهي ٿو. نيوٽيڪ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز چيو ته اين آءِ بي نوجوانن کي پنهنجي جديد آئيڊياز کي ڪامياب مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فار فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي تربيت ۽ رهنمائي ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين، مارڪيٽن، ڪاروبارن ۽ مقامي صنعتن جو تعاون ضروري آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزانه ميمڻ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 6 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري آئيڊياز کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي اسٽارٽ اپس قائم ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي ٽئين سيزن ۾ اٽڪل 2400 آئيڊياز ??ليا جن مان 67 آئيڊياز کي قومي سطح جي فاتح طور تي چونڊيو ويو آهي. ??در تقريب ۾ اين آءِ بي سيزن ٿري جي فائنل ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي شيلڊز سان پڻ نوازيو.