اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته اسان کي هر فورم تي ڪش??ير?? ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ ا??هن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي دنيا آڏو آڻڻو پوندو ته جيئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جا ماڻهو ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهي?? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڊيجيٽل فوٽوگرافي اينڊ پينٽنگز نمائش ۾ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد وڌيڪ چيو ته 5 فيبروري جي ڏي??هن جي اهميت کان اسان سڀ ماڻهو واقف آهيون ۽ اسان کي گهرجي ته ان ڏي??هن کي ڀرپور طريقي سان ملهايون ته جيئن دنيا کي ڪش??ير??ن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته ڀارت جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير جي ماڻهن کي ڪشمير مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ اتي هندوئن کي آباد ڪيو وڃي ته جيئن جڏهن به ريفرنڊم ٿئي ته ان کي ان جا گهربل نتيجا ميسر هجن. هن چيو ته اسان کي ڪشمير ۾ هندو آبادڪاري جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن ڀارت پنهنجي ا??هن ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿئي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ثمينه فرزين شيخ چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي پاڪستان ڪش??ير?? عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته اسان جي دل ڪش??ير??ن سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ اسان هر سطح ۽ هر فورم تي ا??هن جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪشمير بابت تيار ڪيل ملي نغمو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي تيار ڪيل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ڪش??ير?? عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغمو پيش ڪيو ۽ تقريرون پڻ ڪيون.