اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي دستاويزي ۽ حڪومتي ڏيتي ليتي ڊيجيٽل بڻائڻ سان شفافيت کي هٿي م??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان آفيس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل صدر کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪارڪردگ?? ۾ ??ضافو ڪري سگهجي ٿو، قومي خزاني جي صحيح استعمال ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني لازمي آهي. صدر چيو ته حڪومتي مالي انتظام جي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ خامين جي نشانده?? ۾ ??ڊيٽر جنرل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، حڪومتي خرچن ۾ شفافيت ۽ م??لي??تي احتساب مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ قانوني فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ ج?? ضرورت آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان صدر کي م??لي??تي احتساب جي عمل ۾ اداري جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جو ادارو آڊٽ عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ ج?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، آڊيٽر جنرل مالي سال 23 – 2022ع ۾ 95 سيڪڙو ڪمپلائنس آڊٽ مڪمل ڪيا، آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ عمل ۾ بهتري سان شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس کي هٿي م??ند??. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز کي آڊٽ عمل ۾ شامل ڪرڻ ج?? لاءِ قدم جاري آهن، آڊٽ جي عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم فعال ڪيو ويو. اڪائونٽنگ عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پينشنرز کي موثر انداز ۾ رقم جي ادائيگي ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اداري جي ڪارڪردگ?? ۾ ??ضافي سان شهرين کي سڌوسنئون فائدو پهچندو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان حڪومت سميت مختلف ادارن کي آڊٽ جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر حڪومتي شعب?? ۾ ??فافيت ۽ پارلياماني نگراني جي نظام ۾ مدد ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.