اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏي??هن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي ج??هن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪر?? هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان ا??هن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ ج??هن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ا??هن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.