اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي، صدر شي جي عالمگير ترقي جي نظريي جي دنيا معترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئون سال شروع ٿيڻ تي چائنا ريديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه چين جي عوام کي نئين سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهيا آهن، ڪا ??ه حڪومت يا موسم هجي، چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن ??يو ته عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي نئين سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن ??يو ته جڏهن کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن ??يو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه چين ۽ چين جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته صدر شي جن پنگ جي ترقي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ترقي نه پر هڪ عالمگيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو ملڪ باقي دنيا کان جدا رهي ترقي نه ٿو ڪري سگ??ي، اهو نه ٿو ٿي سگ??ي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا اسرندڙ رهي، ترقي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. هن ??يو ته ترقي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ترقي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي ??يو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ترقي جي هڪ نئين نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا هاڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه چين جو نظريو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن سان چين جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به عالمگيريت تي ٻڌل ترقي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن ??يو ته وچ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو عالمگيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن ??يو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن ??يو ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز چين ويا ته انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن ??يو ته پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ترقي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت ??بديلي آندي آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت ??ثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.