اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس لائين ۽ ضلعي خيبر ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم دهشتگردن جي ٽانڪ پوليس لائين ۾ شرپسندي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائ?? تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران ??زي??اعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رکنداسين. مون سميت سڄي قوم ملڪ جي حف??ظت خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. نگران ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر عوام دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. نگران ??زي??اعظم حملن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀا??ين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.