اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن ??جلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ??وا??ي سان صوبي جي لا??ِ م??صو?? فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي ??وا??ي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان ??وا??ي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن ??جلي جي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي پن ??جلي منصوبن جي ??وا??ي سان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ جاري پن ??جلي جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن ??جلي جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ?? ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي ??وا??ي سان خيبرپختونخواهه جي لا??ِ م??صو?? فنڊز جي فوري ادائيگي جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لا??ِ م??صو?? رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبدالله، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.