اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سي پيڪ منصوبن جي ??ڪميل جي ??والي سان حڪومت جي ??زم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن تي پيشيواراڻي انداز ۾ ڪم جاري آهي، آل پاڪستان چائنيز انٽر پرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر جي ??يڙپڪاري ڪئي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار ڏنو، اطلاعات واري وزارت چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي ??هتمام هيٺ ” سي پيڪ جا 19 سال“ جي ??نوان سان رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراه??ند?? چيو ته هي تقريب دنيا جي ??امهون چائنيز انٽرپرائيزز پاران پاڪستان ۾ ڪيل اهم ۽ شاندار ڪم کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ چائينز انٽرپرائيزز جي ڪوششن کي فروغ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن به اهڙو نٿو گذري جڏهن اسان ميڊيا تي سي پيڪ منصوبن ۾ چائنيز انٽرپرائيز پاران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت نه ٻڌندا هجون. چائينز انٽرپرائيزز جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ مستقل مزاجي ??ان عالمي وبا جي ??اوجود سي پيڪ تي ڪم جاري رکيو جڏهن دنيا جي ??ٽڪل هر منصوبي ۾ رڪاوٽون هيون، پاڪستان ۽ چين جي ??ڪومت سان گ??وگڏ عالمي ميڊيا پڻ انهن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 بلين ڊالر جي ??يڙپڪاري ڪئي آهي ۽ 85 هزار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو جيڪو سي پيڪ جي ??يلٽ ا??نڊ روڊ انيشي ايٽو جي گيم چينجر منصوبي جي ??صور جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي ??پورٽ ۾ پائيدار ترقي جي ??ڪمت عملي جوڙي وئي آهي جيڪا رڳو موٽرويز ۽ پاور پلانٽس تائين محدود نه آهي پر ماضي ۾ ٿر ۽ گوادر جهڙي نظراندز ڪيل علائقن ۾ مقامي ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ پاران تيار ڪيل ان دستاويزي فلم جنهن ۾ پورٽ قاسم ڪول پاور پلانٽ تي عورتون ڊمپر ٽرڪس هلائي رهيون آهن، جو ذڪر ڪندي چيو ته هي اها تبديلي آهي جيڪا اسان کي دنيا کي ٻڌائڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته گوادر ۾ فقير پرائمري اسڪول ۽ پاڪ چائنا ٽيڪنيڪل ا??نڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ چائنيز انٽرپرائيزز پاران آندل تبديلي جا جز آهن. نگران وفاقي وزير گرين ڊيولپمينٽ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيلز، زراعت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ وڌندڙ تعاون کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ??صوصي دعوت تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تازو ئي بيلٽ ا??نڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي، ان دوري دوران ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي لاءِ پنهنجي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ?? مختلف شعبن ۾ پنهنجي ??عاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو، اهم مسئلن تي هڪ ٻئي جي لاءِ حمايت کي اجاگر ڪيو ?? عالمي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلٽ ا??نڊ روڊ انيشي ايٽو جي ??هميت تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ان فورم ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي بي آر آءِ تحت هڪ اهم منصوبي طور تسليم ڪيو ويو ?? ٻنهي ڌرين ان جي ??رقي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون جن ۾ انفراسٽرڪچر، مائننگ، صنعت، گرين ڊيولپمينٽ، صحت، اسپيس ڪوآپريشن، ڊيجيٽل معيشت ۽ ٻيا شامل آهن. ٻنهي ملڪن علائقائي امن، استحڪام ۽ پراڻي تڪرارن جي ??ل لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت ڏ??ند?? ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏنو. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل 70 سالن ۾ دوستاڻي مشاورت ۽ اعليٰ سطحي رابطن جي ??سلسل ٻنهي آئرن برادرز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي اتفاق راءِ ۽ گڏيل اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت گڏيل مفادن جي ??عبن ۾ چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي لاڳاپيل اداري پاڪستان ٽيليوزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان اڳ ۾ ئي ميڊيا تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي چيني ادارن سان منظم فريم ورڪ ۾ مشغول آهن. هن ان موقعي تي سي پيڪ منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چين جي ??فارتخاني جي ??عاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.