اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي ??عا??لي تي ??اڪ??تان جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي ??عا??لي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي ??اڪ??تان جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين ??اڪ??تان جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ??اڪ??تاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته ??اڪ??تاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي رياست سدائين کان فلسطين جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪند?? رهي آهي ۽ اڄ به ??اڪ??تان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. ??اڪ??تان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، ??اڪ??تان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان جا سفارتي لاڳاپا آهن پر فلسطين جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ??اڪ??تان جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته ??اڪ??تان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، ??اڪ??تان جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان ??عا??لي تي فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.