اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ڊگري جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر رهندڙ شاگردياڻين کي پنه??جي ڊگري ??ڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر يونيورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪم??شن جي پاليسي ۽ يونيورسٽي قاعدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يونيورسٽي وٽ ايڇ ا?? سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يونيورسٽي بدانتظامي جي درستگي بدران عوامي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر ايئر يونيورسٽي تي زو?? ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئر يونيورسٽي جي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئر يونيورسٽي سان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ڊگري ??ڪمل نه ڪري سگهي هئي. ڊگري ??ڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اضافي سال جي لاءِ يونيورسٽي سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ايڇ ا?? سي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ايڇ ا?? سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ يونيورسٽي قاعدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال گذري ??ڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني هئي. وفاقي محتسب ايئر يونيورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يونيورسٽي جي فنڪشنل ڪم??ٽي آڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يونيورسٽي صدر کي درخواست داخل ڪئي. صدر پنه??جي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يونيورسٽي ايڇ ا?? سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي آڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ڊگري ??ڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر چيو ته ايڇ ا?? سي پاليسي موجب ڊگري ??ڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال آهي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال تائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪم??ٽي آڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يونيورسٽي پنه??جي بدانتظامي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ايڇ ا?? سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.