اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) صدر مم??ڪت ڊاڪٽر عارف علوي ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي سيڪيورٽي گارڊ کا?? معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان معافي گهران ٿو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مم??ڪت ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ جي درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي، ته اي او بي آءِ پينشن جي حاصلات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ کي آفيس جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پنهنجي غريب، مخالف ۽ غير دوستاڻي طرز عمل تي گهري نظر وجهي، هڪ عام مزدور کي پينشن لاءِ سالن تائين انتظار ڪرائڻ شرمناڪ عمل آهي. صدر مم??ڪت چيو ته شڪايت ڪندڙ جي فائيل گم ٿيڻ سبب سال گذري ويا آهن، فائيل سفارش ڪرائڻ تي ڳولهي وئي. واضح رهي ته سيڪيورٽي گارڊ افتخار حسين هڪ نجي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ افتخار حسين 2008ع ۾ سروس دوران حادثي جو شڪار ٿي معذور ٿي ويو هو. بعد ۾ سيڪيورٽي گارڊ پينشن لاءِ اي او بي آءِ سان رجوع ڪيو، جڏهن ته اي او بي آءِ پينشن ??رانٽ جي ادائگي کا?? انڪار ڪندي چيو ته افتخار حسين جي ملازمت 15 سالن کا?? گهٽ آهي، ان لاءِ هو صرف اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي جنهن تي رٽائرڊ سيڪيورٽي گارڊ وفاقي محت??ب سان رابطو ڪيو. وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر مم??ڪت وٽ اپيل دائر ڪئي جنهن کي صدر مم??ڪت اڪلائيندي چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪيورٽي گارڊ) کي انصاف لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پيو آهي. صدر مم??ڪت چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي مايوس ٿيو آهيان ته سيڪيورٽي گارڊ جڏهن پنهنجي پينشن جي پيروي لاءِ آفيس ويو ته ان کي اي او بي آءِ جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هڪ رٽائرڊ آفيسر جي مداخلت کا?? پوءِ شهري کي آفيس م داخل ڏني وئي. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي نمائندي خاطري ڪرائي آهي ته سيڪيورٽي گارڊ جي شڪايت تي قانون مطابق غور ڪيو ويندو. صدر مم??ڪت ڊاڪٽر عارف علوي اي او بي آءِ جي اپيل کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سيڪيورٽي گارڊ جي پينشن جي معاملي کي اداري جي چيئرمين بدران اداري جي اٿارٽي آڏو پيش ڪيو وڃي.