اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڀارت گذريل 4 سالن کان انسا??ي حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ڀارت طرفان هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي ڪشميرين کي انهن جي رياستي حيثيت کان محروم ڪرڻ کي اڄ 4 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل چئن سالن کان ڀارت انسا??ي حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جيڪ?? غير مقامي ماڻهن جي آبادڪاري، جعلي ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ، انٽرنيٽ جي بندش، ۽ ڄاڻ جي مڪمل بليڪ آئوٽ تائين محدود ناهي، پر ڪشميري قيادت کي قيد به ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي قدمن سان غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ??يثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي بنيادي حق خواراديت کي مجروح ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙن سڀني هڪ طرفن ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو ۽ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي پختي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت کان م??ال??و ڪيون ٿا ته هو 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ واريون ڪارروائيون واپس وٺي. تاريخ گواهه آهي ته طاقت، آزادي ۽ حق حاصل ڪرڻ واري باهه کي وسائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي.