اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته ل??فٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهن، قوم ڪڏهن به ??نه?? جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ل??فٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهي، ??نه?? جي شهادتن کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قوم لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي ??نه?? عظيم فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گواهه آهي ته ملڪ کي ميري اک سان ڏسندڙ دشمن جو مقابلو هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو هجي يا قدرتي آفتون هجن، قوم جڏهن به پنهنجي جوانن کي ياد ڪيو ??نه?? پنهنجو رت قربان ڪرڻ کا?? ڪڏهن به نه ڪيٻايو. قوم ڪڏهن به ??نه?? جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر محمد خالد شهيد، ميجر سعيد احمد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان شهيد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.