اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رکڻ تي سزا ٻڌ??ئي وئي هئي. صدر اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محمد قمبراڻي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ ??ند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب مير محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌ??ئي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌ??ئي هئي. بعد ۾ اي جي پي آر فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهاري جي پينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پنهنجي پينشن جي بحالي جي لاءِ ??پيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ڏوهاري فيصلي جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪر??ئي جنهن کي اتان به رد ڪيو ويو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صدر کي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهاري جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪومت پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ضابطي تحت پينشن جو پورو يا ڪو ح??و روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ ??رڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مير محمد قمبراڻي جي سزا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.