ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ توان??ئي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا.