ملتان – 13 – جولاءِ (اي ??ي پي) وزيرا??ظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو ۽ چور، ڌاڙي جا نعرا هڻي وقت برباد ڪيو. ملتان ۾ تعمير هيٺ نش??ر ٽو اسپتال جي معائني دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيرا??ظم چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان من??وب?? جو باقاعده افتتاح ڪيو هو ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪيا هئا. جهرلو اليڪشن کانپوءِ جيڪي عمران نيازي کي ڪلهن تي ويهاري اقتدار ۾ وٺي آيا هئا انهن کي گهرجي ها ته عمران نيازي کان هي اسپتال ٺهرائين ها ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ها پر پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا ۽ تعمير هيٺ نش??ر ٽو اسپتال لاءِ رڳو 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪو هڪ مذاق هو. هن اسپتال کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪريڊٽ نه ملي وڃي. وزيرا??ظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن اسپتال جي تعمير 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هي عوامي خدمت جو من??وب?? آهي. وزيرا??ظم نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي هن من??وب?? کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي حمزه ش??با?? جي قيادت ۾ مختصر مدي جي لاءِ پنجاب ۾ خدمت جو موقعو مليو پر جيڪو ڪجهه ان سان ٿيو اهو به تاريخ جو حصو آهي. ماضي ۾ اسان جون حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها ۽ عمران نيازي کي اقتدار ۾ نه آندو وڃي ها ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هجي ها. هو 4 سال هٿ تي هٿ ڏئي ويٺل رهيو ۽ چور ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو. وزيرا??ظم چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته اسپتال جي لاءِ مشينري پڻ درآمد ڪئي وئي آهي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان من??وب?? جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون قوتون گڏجي پاڪستان جي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته 500 بيڊز تي ٻڌل نش??ر ٽو اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جي عوام فائدو کڻندي.